هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پاڪستان گڏيل عرب امارتن (يو اي اِي) ۾ ڀارت جي ميزباني ڪندو : پي سي بي چيئرمين

ڪلڪتو (اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پاڪستان گڏيل عرب امارتن (يو اي اِي) ۾ ڀارت جي ميزباني ڪندو، پاڪستان ۽ هندستاني ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ 2014ع ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيح ٿي، جنهن تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ 8 سالن دوران پنج سيريزون کيڏيون وينديون. ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊز وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا. ان سلسلي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان ڪالهه ڀارت ۾ بي سي سي جي چيئرمين جڳ موهن ڊالميا سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز جي بابت ڳالهيون ڪيون ويون، ملاقات کان پوءِ پي سي بي چيئرمين شهريار خان چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جڳ موهن ڊالميا پاڪ_ ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ڊسمبر ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيريز دبئي ۾ کيڏي ويندي. شهريار خان موجب يو اي اي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ڪرڪيٽ ٽيمون 3 ٽيسٽ ۽ 5 ون ڊي ميچ کيڏنديون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچ به کيڏيا ويندا. ٻئي طرف پي سي بي چيئرمين شهريار خان کي ڪالهه ڪلڪتا اميگريشن جي عملدارن ڪاغذ نه هجڻ جي ڪري روڪي ورتو هو،  پي سي بي چيئرمين جڳ موهن ڊالميا سان ملاقات لاءِ جيئن ئي ڍاڪا کان ڪلڪتي پهتو ته اتي کيس ان وقت سخت پريشانيءَ سان منهن ڏيڻو پيو جڏهن اميگريشن عملدارن ان وٽ ڪلڪتي شهر ۾ داخل ٿيڻ جا دستاويز نه هجڻ تي روڪي ورتو، ذريعن موجب شهريار خان کي اڳوڻي سفير جي حيثيت سان ڀارت ۾ داخلا جي اجازت هئي، جنهن بابت عملدارن کي ڄاڻ نه هئي، پر ڪجھه دير کان پوءِ ڀارتي گھرو وزارت جي مداخلت تي شهريار خان کي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *