ڏکين رستن سان ڀرپور اسٽرونگ مين رن ايوينٽ جرمنيءَ جي روبن ڊيچانڊ کٽي ورتو

جرمني (اسپورٽس نيوز) ڏکين رستن سان ڀرپور اسٽرونگ مين رن ايوينٽ جرمنيءَ جي روبن ڊيچانڊ کٽي ورتو، ويمنز ۾ سوزاني ڪرائوس فاتح قرار ڏني وئي، جرمنيءَ جي شهر نيوربرگرنگ ۾ نرالي ريس ڪرائي وئي، مزاحمتن سان ڀرپور ريس جي ايوينٽ ۾ 11 هزار ماڻهن ريس ۾ حصو وٺي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.23 ڪلوميٽر مفاصلي واري ان ريس ۾ حصو وٺندڙن کي ڊوڙن، ٽپ ڏيڻ، ترڻ ۽ ريڙهيون پائڻ جو چئلينج هو. ان دلچسپ ريس ۾ ڏکيا رستا پار ڪرڻ دوران شريڪ هڪ ٻئي جي مدد به ڪندا  رهيا، مردن ۾ ميزبان جرمنيءَ جو روبن ڊيچانڊ 23 ڪلوميٽر جو مقرر مفاصلو هڪ ڪلاڪ 36 منٽن ۽ 57 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري فاتح بڻيو، عورتن ۾ جرمنيءَ جي سوزاني ڪراس مقرر مفاصلو هڪ ڪلاڪ هڪ منٽ 45 سڪنڊن ۾ پورو ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *