سعيد اجمل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپن بالنگ ڪوچ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر سعيد اجمل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپن بالنگ ڪوچ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپن بالنگ ڪوچ لاءِ اشتهار ذريعي درخواستون طلب ڪيون هيون، جنهن کي نظر ۾ رکندي سعيد اجمل قومي ٽيم جو اسپن بالنگ ڪوچ بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪندي ان عهدي لاءِ درخواست جمع ڪرائي آهي.اڳوڻي آف اسپنر سعيد اجمل پي سي بي هيڊ ڪوارٽر ۾ درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته مان اسپن بالنگ ڪوچ لاءِ سمورين شقن تي پورو لهان ٿو ۽ ٽيم سان گڏ ڪم ڪري نوجوان بالرن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو.ذريعن موجب قومي ٽيم جي اسپن بالنگ ڪوچ لاءِ اڳوڻي ليگ اسپنر مشتاق احمد مضبوط اميدوار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *