اعتراض ڪندڙ احتياط ڪن، ڪوبه ادارو يا فرد پرفيڪٽ نه آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان چيو آهي ته هڪ آرمي چيف جي ڪيس جو به فيصلو جلد اچڻ وارو آهي، هڪ وزيراعظم کي نااهل قرار ڏنو ۽ هڪ کي سزا ڏني. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران چيف جسٽس آف پاڪستان آصف سعيد کوسه چيو ته 2009ع کان اڳ واري عدليه سان هاڻوڪي عدليه جي ڀيٽ نه ڪئي وڃي، هاڻي عدليه مختلف ۽ آزاد آهي، ڇا توهان کي ياد نه آهي ته عدليه هڪ وزيراعظم کي سزا ڏني ۽ ٻئي کي نااهل قرار ڏنو، هڪ آرمي چيف جي ڪيس جو به فيصلو جلد اچڻ وارو آهي. وزيراعظم چيف ايگزيڪيوٽو آهي، چونڊيل نمائندو آهي ۽ اسان لاءِ محترم آهي، کيس اهڙي قسم جا بيان ڏيڻ وقت خيال رکڻ گهرجي. تقريب کي خطاب دوران چيف جسٽس چيو ته اسان ته سرڪار کان هڪ آنو به ناهي گهريو، جج يا ڪورٽ روم ناهي گهريو، بجيٽ ۽ قانون ۾ ترميم جي به گهر نه ڪئي آهي. بنا وسيلن جي انصاف مهيا ڪري رهيا آهيون، تنهن ڪري ججز تي اعتراض واريندڙن کي به احتياط ڪرڻ گهرجي، اُهي ڏينهن رات محنت ڪري ڪمزور طبقي کي انصاف مهيا ڪري رهيا آهن. 3 هزار هڪ سئو ججز ۽ مئجسٽريٽس 36 هزار ڪيسز تي فيصلو ڏنو آهي، اُن ۾ عدم توازن واري ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اُنهن ڪيسز ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو طاقتور هوندو، باقي ٻين سڀني ۾ ڪمزور طبقي کي انصاف مليو آهي.  چيف جسٽس وزيراعظم جي وسيلا مهيا ڪرڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم طاقتور ۽ ڪمزور جو طعنو نه ڏئي، جنهن ڪيس جو حوالو وزيراعظم ڏنو، اُن ۾ هُن پاڻ ئي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني هئي، هڪ آرمي چيف جي ڪيس جو به فيصلو جلد اچڻ وارو آهي.  زيراعظم عمران خان طرفان عدليه جي حوالي سان ڏنل بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته وزيراعظم پاڻ ڪنهن کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني، جنهن ڪيس جي حوالي سان وزيراعظم ڳالهايو، کيس خبر هجڻ گهرجي ته اُن ۾ اجازت هُن پاڻ ئي ڏني هئي. وزيراعظم کي اهڙي قسم جا بيان ڏيڻ ۾ خيال ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم عمران خان 2 ڏينهن اڳ وسيلا مهيا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن جي آجيان ڪريون ٿا ۽ اهڙو اعلان سٺو سنئوڻ آهي، هيل تائين عدليه بنا وسيلن جي ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻي جڏهن وسيلن جي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي ته وزيراعظم جو اعلان اچي ويو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته وزيراعظم ڪمزور ۽ طاقتور جي باري ۾ به فرمايو، وزيراعظم اسان کي طاقتور ۽ ڪمزور جو طعنو نه ڏئي، جنهن ڪيس جو حوالو ڏنو آهي، وزيراعظم کي پاڻ کي به خبر هوندي ته اُن ۾ هُن پاڻ ئي اجازت ڏني هئي، هاءِ ڪورٽ ۾ ته رڳو موڊيلٽيز طئه ٿيون، تنهن ڪري وزيراعظم کي بيان ڏيڻ وقت ٿورو احتياط ڪرڻ گهرجي. اسان جي اڳيان ڪو انسان نه، پر رڳو قانون طاقتور آهي. ڪوبه ادارو يا فرد پرفيڪٽ نه آهي، عدليه ۾ خاموش انقلاب اچي ويو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *