سائوٿ ايشين گيمز جو ڪيمپ شروع نه ٿي سگهيو، ريسلر انعام بٽ پنهنجون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

 

لاهور: (اسپورٽس نيوز) پاڪستان اسپورٽس بورڊ(پي ايس بي) جو ڪيمپ ته شروع نه ٿي سگهيو پر ريسلر انعام بٽ گوجرانوالا ۾ ئي سائوٿ ايشين گيمز جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن.انعام بٽ جو چوڻ آهي ته هو ان ايونٽ ۾ پاڪستان جي لاءِ هڪ ٻيو گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪندو. سائوٿ ايشين گيمز پهرين ڊسمبر کان نيپال جي شهر کٽمنڊو ۾ شروع ٿيندا.ايونٽ ۾ پاڪستان کي مختلف راندين ۾ شرڪت ڪرڻي آهي پر پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان باضابطه طور تي ڪيمپس اڃان تائين شروع نه ٿي سگهيو آهي. ان جي باوجود ريسلر انعام بٽ پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ بنا ئي گوجرانوالا ۾ ئي ٽريننگ شروع ڪري ڏني آهي.انعام بٽ جو چوڻ آهي ته مون وٽ وقت گهٽ آهي ۽ گيمن ۾ مقابلو سخت آهن ان لاءِ هو جيترو ٿي سگهي تياريون شروع ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته هو سائوٿ ايشين گيمز ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ چاهي ٿو. انعام بٽ 2016 ۾ انڊيا جي شهر گوهاٽي ۾ ٿيندڙ ايونٽ ۾ ميزبان ملڪ جي گوپال يادو کي هارائي گولڊ ميڊل کٽيو هو.انعام بٽ جو چوڻ آهي ته سائوٿ ايشين گيمز ۾ ڀارت ۽ افغانستان جي ريسلرز سان سخت مقابلن جو امڪان آهي. قومي ريسلر ٻڌايو آهي ته سائوٿ ايشين گيمز جي لاءِ باضابطه ڪيمپ جي اڃان تائين ڪابه خبر ناهي. ان لاءِ گوجرانوالا ۾ ئي تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.واضح رهي ته انعام بٽ تازو ئي ورلڊ بيچ گيمز ۾ پاڪستان جي لاءِ گولڊ ميڊل کٽيو هو. ان کان اڳ هو ٻه ڀيرا ڪامن ويلٿ گيمز، ٻه ڀيرا ورلڊ بيچ ريسلنگ چيمپين شپ ۽ هڪ ڀيرو ايشني بيچز گيمز ۾ پاڪستان جي لاءِ گولڊ ميڊل کٽي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *