سرڪار جا ڏينهن پورا، حڪومت آخري پساهن ۾ ٿيڙ پئي کائي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب لاءِ پنهنجي رهائش گاهه جاتي امرا کان رواني ٿي وئي. فيصل آباد روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته جنهن حڪومت کي اپوزيشن اڳواڻن کي بند ڪرڻو پوي، جنهن حڪومت کي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري بند ڪرڻو پوي، جنهن حڪومت کي جلسن، آوازن، رستن ۽ روڊن کي بند ڪرڻو پوي، ان حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن، حڪومت ٿيڙ کائي رهي آهي ۽ آخري پساهن ۾ آهي. جلسي جي حوالي سان ن ليگ جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان مريم نواز جي هڪ تصوير به جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ کيس سائي رنگ جا ڪپڙا پاتل آهن ۽ انهن تي سندس پيءُ نواز شريف جي تصوير ٺهيل آهي، مريم نواز جي ڪپڙن تي نواز شريف جي آزادي جو نعرو به لکيل آهي.

ٻ؟ِ طرف  مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان صاحب توهان جي خوف ۽ نواز شريف جي حوصلي ۾ فرق رڳو سليڪٽڊ ۽ چونڊيل جو آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان صاحب اڃا مريم نواز فيصل آباد جي ريلي لاءِ نڪتي ناهي ته سليڪٽڊ وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن، عمران خان صاحب چونڊيل وزيراعظم کي گاريون، ڌمڪيون، سول نافرماني ۽ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ نواز شريف ڪهڙي ٽي وي بند ڪرائي.  هن چيو ته عمران خان صاحب ڪن کولي ٻڌي ڇڏي مريم نواز انشاءَ الله فيصل آباد وڃي رهي آهي ۽ روڪي سگهو ته روڪيو، جيترو پئسو مريم نواز جي پهري تي خرچ ڪري رهيا آهيو عوام کي اٽي، لٽي ۽ روزگار ۽ گهرن تي خرچ ڪيو.  مريم اورنگزيب چيو ته ٽي ڏينهن پهريون ڌمڪيون ڏنيون پر ڳالهه نه ٺهي، عمران خان صاحب پوءِ ٻه ڏينهن پهريون فيصل آباد ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ۽ ريلي جي اجازت نه ڏني.  هن چيو ته مريم نواز جي فيصل آباد ۾ ريلي ۽ جلسي کان خوف نه ٿي رهيو آهي ته پوءِ هي سڀ ڇو آهي، 120 ڏينهن جو ڌرڻو، سرڪاري ملڪيتن ۽ پوليس جا مٿا ڦاڙيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *