پاڪ فوج پاڪستاني سرحدن جو بهادري سان ڀرپور دفاع ڪيو: آصف غفور

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪ فوج پاڪستاني سرحدن جو بهادري سان دفاع ڪيو آهي. واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪستاني عوام ۽ سڪيورٽي ادارن جون ڪوششون ۽ قربانيون رنگ لائي رهيون آهن، پاڪستان جي گهرو سلامتي جي صورتحال اڳ کان گهڻي بهتر آهي. هن چيو ته هاڻي سڪيورٽي فورسز جو بنيادي ڌيان بلوچستان طرف آهي ۽ بلوچستان ۾ حڪومتي ترقياتي منصوبا فوج جي مدد سان مڪمل ڪيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته پاڪ افغان سرحد تي تار لڳائڻ سان سرحدي ڪنٽرول ۾ بهتري اچي رهي آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو ته سرحدي تار لڳائڻ سان دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿيندي، دهشتگردي سان متاثر علائقن ۾ سول انتظاميه سان گڏجي تعمير،  ترقي ۽ بحالي جو ڪم جاري آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته آرمي چيف وزيراعظم سان گڏ وائيٽ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ شرڪت ڪندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پينٽاگون جو دورو ۽ آمريڪي فوجي قيادت سان به ملاقات ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *