عمران خان جي آمريڪي واپارين سان ملاقات، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آڇ

واشنگٽن(اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان، آمريڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ ڪاروباري موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي آچر تي پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڪاروباري شخصيت جاويد انور واپارين سان گڏ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سيڙپڪارن پاڪستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال جي تعريف ۽ سياحت ۽ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپ ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي آڇ ڪئي ته اهي پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ ڪاروباري موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن جيڪو اهم جعرافيائي بيهڪ ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان زميني رابطن وارو ملڪ آهي وزيراعظم سان پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٽيڪساس سان تعلق رکندڙ واپاري ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي بااثر ميمبر طاهر جاويد به ملاقات ڪئي. طاهر جاويد پاڪستان ڪانگريس فائونڊيشن جو بنياد رکيو جيڪو 116 هين ڪانگريس ۾ ڪانگريشنل پاڪستان قاقص ۾ خاص ڪردار وارو آهي سيڙپڪارن پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي بهتر ٿيندڙ صورتحال جي ساراهه ڪئي ۽ ٻين شعبن ۾ اهي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا انهن جي نشاندهي به ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *