سرڪاري ملازمن جا جائز مطالبا ٻڌڻ ۽ انهن تي اڳڀرائي لاءِ تيار آهيون: شبلي فراز

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سرڪاري ملازمن کي پنهنجا خرچ گهٽائڻ بابت پاڻ سان منسوب جملن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جا جائز مطالبا ٻڌڻ ۽ انهن تي اڳڀرائي لاءِ تيار آهيون مون سان منسوب ڳالهه جو مقصد غلط فهميون پيد اڪري سياسي مفاد حاصل ڪرڻ هو ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اميد ڪيان ٿو ته ميڊيا هن معاملي تي پنهنجون ذميواريون نڀائيندو هن چيو ته اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي ڪئي هن چيو ته افسوس آهي جو اهڙي ڳالهه مون سان منسوب ڪئي ويئي جيڪا مان ناهي ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *