پاڪستان ڪروز ميزائل بابر ون اي جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪستان ڪروز ميزائل بابر ون اي جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڪروز ميزائل بابر ون اي 450 ڪلو ميٽر رينج تائين هدف جو نشانو بڻائي سگهي ٿو. آءِ ايس پي آر جو ٻڌائڻ آهي ته ڪروز ميزائل بابر ون اي سمنڊ ۽ زمين تي به پنهنجي هدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. ملڪ جي صدر عارف علوي، وزير اعظم عمران خان ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس سميت هٿياربند فوج جي سربراهن ڪامياب ميزائل تجربو ڪرڻ تي سائسندانن جي ٽيم کي واڌايون ڏنيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *