صحافين جي تحفظ جو قانون وفاق منظور نه ڪيو:  ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  صوبائي وزير اطلاعات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه اڄ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪراچي يونين آف جرنسلٽس پاران صحافين لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪي يو جي سنڌ حڪومت پاران مليل فنڊز جو بهتر استعمال ڪيو آهي ۽ انهيءَ طرح بهتر نتيجا ملندا ته سنڌ حڪومت وڌيڪ سپورٽ جاري رکندي. هن چيو ته صحافين جي تحفظ جو قانون وفاق منظور ناهي ڪيو پر اسان پروونشيل جرنلسٽ پروٽيڪشن بل جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي جنهن کي جلد اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون واضح هدايتون آهن ته صحافين جي مسئلا اولين بنياد تي حل ڪيا وڃن. ڪورونا جي دوران پڻ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسان کي گهرائي صحافين جي مدد ڪرڻ جون خاص هدايتون جاري ڪيون هيون. صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ايم ڊي اي ۽ ايل ڊي اي سميت پوري سنڌ ۾ صحافين جي رهائشي اسڪيمن ۾ ترقياتي ڪم مڪمل ڪرايا پيا وڃن.هن چيو ته  صحافتي ادارن کي ڪارڪردگي ۽ آڊٽ رپورٽس جي بنياد تي گرانٽس ڏنيون وينديون. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته اسان ميڊيا ادارن کي گذارش ڪئي آهي ته هو ورڪرن کي وقت تي پگهارون ڏين ۽ کين رهتون ادا ڪن. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته اطلاعات کاتو 85 سيڪڙو ادائيگيون براه راست ميڊيا هائوسز کي ڪري رهيو آهي جڏهن ته 15 سيڪڙو ايڊورٽائيزنگ ايجنسيز کي جاري ڪيون پيون وڃن ته جيئن ميڊيا ورڪرن کي بروقت پگهارون ملي سگهن. هن چيو ته اسان جي ڪوشش هئي ته ميڊيا هائوسز کي ادائيگيون ميڊيا ورڪرز جي سيليري اڪائونٽ ۾ ايڊوانس ۾ جاري ڪيون وڃن پر قانوني رڪاوٽن جي ڪري ان تي عمل نه ٿي سگهيو. ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه سنڌ حڪومت پاران ڪراچي يونين آف جرنلسٽس کي 50 لک روپين جي گرانٽ جو چيڪ ڏنو. ان موقعي تي صدر ڪراچي پريس ڪلب فاضل جميلي، پي ايف يو جي مرڪزي صدر جي ايم جمالي، ڪي يو جي جي صدر حسن عباس ۽ جنرل سيڪريٽري عاجز جمالي صحافين جي مسئلن تي تفصيلي گفتگو ڪئي، تقريب کي پائلر جي سربراهه ڪرامت علي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ سيڪريٽري اطلاعات سنڌ ڊاڪٽر نياز علي عباسي، اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر ايڊمن عظيم شاهه، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن جهانگير خان ابڙو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ايڊمن محمد يوسف ڪابورو پڻ موجود هئا.   

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *