سري لنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دورو، سيڪورٽي اختيارين جو ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ کان جواب

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان سيڪورٽي اختيار ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ناهن ان لاءِ سري لنڪا ٽيم ٽي20 ميچ کيڏي وطن واپس ٿيندي.سري لنڪ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف ميچ کان ڪجهه ڪلاڪ پهريان لاهور پهنچندي.مهمان ٽيم لاهور اچڻ کان پوءِ پوءِ قزافي اسٽيديم ۾ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ کيڏندي ۽ ميچ کيڏڻ کان پوءِ وطن واپس رواني ٿيندي.لاهور ۾ مهمان ٽيم جي ميچ کان پهريان پريس ڪانفرنس رکي وئي آهي.جڏهن ته پاڪستان ۽ سري لنڪا وچ ۾ ابوظهبي جي شيخ ريد اسٽيديم ۾3 ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ جمعي تي کيڏي ويندي.ذريعن موجب پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ميچ ڏسڻ لاءِ آئي سي سي جنرل ميجر ڪرڪيٽ جيف ايلڊيزاڊ، ٻه ٻيا آفيسر ۽ هڪ اينٽي ڪرپشن آفيسر به لاهور  ميچ ڏسڻ لاءِ پڻ پهچندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *