ڪابه راند حڪومتي ۽ اسپانسر سرپرستيءَ کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي: مدثر آرائين

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن جي صدر مدثر آرائين چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪابه راند حڪومتي ۽ اسپانسر جي سرپرستيءَ کان سواءِ ترقي نٿي وٺي سگهي. حڪومت ٻين راندين وانگر نيٽ بال جي راند تي پڻ ڌيان ڏي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ نيٽ بال جو گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪرڪيٽ وانگر ٻين راندين تي پڻ اسپانسر ڌيان ڏيڻ شروع ڪن ته اهي رانديون پڻ انٽرنيشنل سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *