ڪاري آنڌي ڀارت کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري، سيمي فائنل کٽي ورلڊ ڪپ مان آئوٽ ڪري ڇڏيو

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ، ڀارت کي سندس ئي ڌرتي تي دسي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ مان آئوٽ ڪري ڇڏيو، سمنز ۽ رسل ڀارتي بالرن جون  متيون منجهائي ٽيم کي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو،ممبئي جي وانڪڊي اسٽيڊيم ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت پاران 193 رنسن جو ڏنل حدف ويسٽ انڊيز جي ٽيم 19 ڏهائي 4 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڀارت کي گهر اماڻي ڇڏيو، سمنز شاندار ۽ طوفاني بيٽنگ ڪندي ٽيم کي فائنل تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،جڏهن ته رسل ڀارتي بالرن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو، سمنز ميدان جي چئني پاسي زبردست اسٽروڪ کيڏيا ۽ ففٽي هڻڻ کانپوءِ به ڪريز تي تيستائين بيٺو رهيو، جيستائين ويسٽ انڊيز ڪاميابي جي منزل پار نه ڪئي، هن 51 بالن تي 7 چوڪن ۽ 5 ڇڪن جي مدد سان 87 رنسون ٺاهيون ۽ آئوٽ نه ٿيو، رسل به سندس ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ 20 بالن تي 4 ڇڪن ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان 43 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، اهڙي ريت ويسٽ انڊيز ڪاميابي ماڻي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو، جتي سندس مقابلو انگلينڊ سان ٿيندو،ان کان پهرين ڀارت بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 192 رنسن جو وڏو اسڪور ٺاهيو، ويرات ڪوهلي روايت مطابق بهترين بيٽنگ ڪندي ففٽي هنئي، هو 47 بالن تي 11 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 89 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته روهت شرما 43 ۽ راهاني 40 رنسون ٺاهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *