بالي ووڊ حسينه دپيڪا پڊوڪون تي دل اچي ويو آهي:رسل برانڊ

نئين دهلي (شوبز نيوز) هالي ووڊ ڪاميڊين رسل برانڊ به بالي ووڊ اداڪارا جو پرستار نڪتو، سندس چوڻ هو ته سندس بالي ووڊ حسينه دپيڪا پڊوڪون تي دل اچي ويو آهي. مشهور هالي ووڊ ڪاميڊين اڄ ڪلهه ڀارت جي دوري تي آيل آهي. نئين دهليءَ جي شو دوران رسل برينڊ جي خاص انداز ۾ جگت بازي جتي شوقينن کي ٽهڪ ڏيڻ تي مجبور ڪيو اتي ئي هن پنهنجا ڪجهه کٽڪا به حاضرين جي سامهون رکي ڇڏيا. سندس سڀ کان وڏو کٽڪو ڀارت ۾ سڪيورٽي يا ٽريفڪ مسئلن جو نه هو، پر بالي ووڊ جي شوخ ۽ چنچل اداڪارا دپيڪا پڊوڪون هو. سندس چوڻ هو ته دپيڪا پڊوڪون تي فِدا ٿي پيو آهي. هن پنهنجي چاهيندڙن سان اهو پڻ اظهار ڪيو ته جيڪڏهن کيس بالي ووڊ اداڪارا جو ساٿ ملي پئي ته سندس زندگي ٺَهي پئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *