سرفراز احمد قومي ڪرڪيٽ جو ڪپتان برقرار، بابر اعظم نائب ڪپتان مقرر

 

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪريڪٽ بورڊ سريلنڪا جي دوري لاءِ بابر اعظم کي قومي ٽيم جو نائب ڪپتان مقرر ڪيو آهي جڏهن ته سرفراز احمد بدستور ڪپتان جا فرض سرانجام ڏيندو.ايندڙ سيريز لاءِ ڪپتان ۽ نائب ڪپتان جو اعلان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه احسان ماني نئين هيڊڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق لاهور ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.سرفراز احمد کي 2016ع ۾ ٽي ٽوئنيٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ 2017ع ۾ کيس ون ڊي ٽيم ۽ ٽيسٽ تيم جي قيادت پڻ ڏني وئي. سرفراز جي ڪپتاني ۾ پاڪستان 13 ٽيسٽ، 48 ون ڊي ۽ 34 ٽي توئنٽي ميچون کيڏيون جن مان کيس ترتيبوار 4، 26 ۽ 29 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي.جڏهن ته بابر اعظم جو شمار پاڪستان جي بهترين بيٽسمينن ۾ هوندو آهي، هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي رينڪنگ ۾ 16 هين، ون ڊي ۾ ٽئين ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ پهرئين نمبر تي موجود آهي. سرفراز کي ڪپتان برقرار رکڻ ۽ بابر اعظم کي نائب ڪپتان مقرر ڪرڻ جو فيصلو مصباح الحق جي سفارش تي پي سي بي چيئرمين ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *