پرفارمنس، فٽنيس ۽ ڊسيپلين قومي ٽيم ۾ اچڻ جي واحد چاٻي آهي: مصباح الحق

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊڪوچ مصباح الحق جو چوڻ آهي ته رانديگرن جي لاءِ پرفارمنس سان گڏوگڏ فٽنيس ۽ ڊسيپلين قومي ٽيم ۾ اچڻ جي واحد چاٻي آهي.قائداعظم ٽرافي جي لاءِ ٽيمن جي ڪيمپس جي شروعات ٿي وئي آهي جنهن جي پهرئين مرحلي ۾ سمورن ڪرڪيٽرن جي قذافي اسٽيڊيم ۾ فٽنيس ٽيسٽ ورتي وئي، ان کانپوءِ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ سينٽرل پنجاب جي ڪيمپ ۾ قومي ٽيم جي هيڊڪوچ مصباح الحق ليڪچر ڏنومصباح الحق جو چوڻ هو ته پرفارمنس سان گڏوگڏ فٽنيس ۽ ڊسيپلين قومي ٽيم ۾ اچڻ جي واحد چاٻي آهي، نئين سسٽم ۽ نئين طريقيڪار موجب پاڻ کي تيار ڪيو، جنهن شئي جي به پريڪٽس ڪريو ان کي پريڪٽس براءِ پريڪٽس سمجهي نه ڪريو پر پوري جان هڻو ۽ اهو ذهن ۾ رکو ته مون ان خامي کي بهتر ڪرڻو آهي، اها سوچ هوندي ته پرفارمنس به بهتر هوندي.هيڊ ڪوچ واضح ڪيو ته ٽيم جا دروازا سڀني لاءِ کليل آهن، جيڪو فتنيس، ڊسيپلين سان گڏوگڏ ڪارڪردگي ۾ سڀني کان اڳتي هوندو اهو اسان جي ترجيحن ۾ شامل هوندو، مصباح ڪرڪيٽرن کي تلقين ڪئي ته محنت کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو، ڪوبه مسئلو هجي ته ڪوچز سان ڳالهايو ۽ مون سان رابطو ڪريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *