مظلوم ڪشميرين جي زندگيءَ کي خطرو آهي. گڏيل قومون مبصر مشن موڪلي: عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ) صدر عارف علوي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي، گڏيل قومون والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڏسڻ لاءِ مبصر مشن موڪلي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران صدر عارف علوي خطاب شروع ڪيو ته اپوزيشن ميمبرز احتجاج ۽ گوڙ ڪيو. هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي اپوزيشن ميمبرز اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گڏ ٿي ويا، پلي ڪارڊز تي ”نيب جو ڪارو قانون نامنظور“ وارا نعرا لکيل هئا. اپوزيشن جي گوڙ سبب وزيراعظم عمران خان هيڊ فون لڳائي ڇڏيو، جڏهن ته حڪومتي ميمبرز اپوزيشن ميمبرز کان بچائڻ لاءِ سندس سيٽ آڏو گڏ ٿي ويا. خطاب دوران اپوزيشن ميمبرز حڪومت مخالف نعريبازي ڪندا رهيا ۽ صدر جي تقرير جون ڪاپيون ڦاڙي ايوان ۾ اُڇلي ڇڏيون.پارليامينٽ جي اجلاس دوران ن ليگ ميمبر ايوان ۾ شاهد خاقان عباسي، سعد رفيق ۽ راڻا ثناءُ الله جون تصويرون کڻي آيا ۽ اپوزيشن طرفان سخت نعريبازي ڪئي وئي پر ان باوجود صدر پنهنجي تقرير جاري رکي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان صدر جي تقرير ٻڌڻ لاءِ هيڊ فون لڳائي ڇڏي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته عالمي برادري ڀارتي جنون کي نطرانداز ڪيو ته هي سخت خطري جو سبب هوندو مظلوم ڪشميرين جي نسل ڪشي برداشت نه ڪئي ويندي 50 سالن کان پوءِ ڪسمير جو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ بحث هيٺ اچڻ وڏي ڪاميابي آهي ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو نه آهي پر تڪراري مسئلو آهي جنهن جي حل لاءِ عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پاڪستان آمريڪا جي والاريل ڪشمير جي منصفاڻي ۽ جٽادار حل لاءِ ٽياڪڙي جي هر ڪوشش جي آجيان ڪندو پاڪستان هميشه ڀارتي جنگي جنون جو جواب صبر ۽ تحمل سان ڏنو اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڇي اسان جي فوج وطن جي حفاطت لاءِ جيڪي قربانيون ڏيئي رهي آهي ان جو ڪوئي مثال نه آهي پوري قوم وطن جي دفاع ۽ سلامتي لاءِ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي امن قائم ڪرڻ لاءِ نيشنل انٽرنل سيڪيورٽي ڪميٽِ ۽ نيشنل انٽيليجنس ڪميٽي جي جوڙجڪ سٺي ڳالهه آهي حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي ملڪ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائين جي منصوبن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پاليسين جي جوڙجڪ ۽ انهن تي عمل جي سلسلي ۾ مصروف عمل آهي آءِ ٽي جي مقامي مارڪيٽ کي ترقي ڏيڻ بنا دنيا سان قدم سان قدم ملائي نه هلي سگهدناسين معيشت جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ٽيڪنالوجي تي هلندڙ معيشت ۽ آءِ ٽي کي پنهنجي پاليسين ۾ خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت اهي پنهنجن نوجوانن کي ڪميپوٽر ناليج جو احساس انٽرنيٽ ڪوائوڊ ڪمپيوٽنگ جهڙِ جديد علم سان روشناس ڪرائڻو پوندو وطن جو مستقبل صرف جمهوريت سان لاڳاپيل آهي جمهوري ادارن جو استحقام ۽ وافقي ٿنڀ مضبوط ٿيڻ سان ئي جٽادار جمهوريت وڌي ويجهي سگهي ٿي معاشي اعتبار کان وطن هن وقت تاريخ جي ڏکئي دور مان لنگهي رهيو آهي حڪومت کي ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ بجيٽ خسارو ۽ گردشي قرض ورثي ۾ مليا ملڪي قرض انهتهائي حد کان گهڻا هئا گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ اپورٽيڊ ۾ گهٽتائي ۽ ايڪسپورٽ ۾ واڌ جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ ڊفيسٽ ۾ جوڳي گهٽتائي ٿي آهي حڪومت معيشت سان لاڳاپيل سمورو ڪاروبار ڊاڪوميٽينشن ڪري حڪومتي دائره اختيار ۾ آندو ۽ اسمگلنگ جي لعنت کي ختم ڪري ته ايف بي آر ۾ سڌارا آندا وڃن ٽيڪس گوشوارن جي نظام کي وڌيڪ سولو بڻايو وڃي ڪاروبار ۾ آسانين بابت انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجه بندي ۾ ڪيل درجه بهتري اچڻ سڄي ڳالهه آهي اميد آهي ته ان ۾ وڌيڪ بهتري ٿيندي ڪرپشن ڪنهن به معاشري جون پاڙون ڪمزور ڪري ان کي تباهه ءٌ۽ برباد ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ملڪي ناڻي ۽ وسيلن کي لٽينڊرن جو احتساب جاري آهي معاشرو پاڪ ۽ صاف سٿرو هوندو ته اخلاقي اعتبار کان اسان پنهنجي شاندار قومي روايتن کي زنده رکڻ ۽ پاڻ کي دنيا جي قومن ۾ سربلند رکڻ جي ڪابل ٿي سگهنداسين آبادي ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ان تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هي پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي جو 50 سالن کان پو3 ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي خاص اجلاس ۾ بحث هيٺ آندو ويو خاص ڪري جڏهن ڀارت ان کي روڪڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور ڏيئي رهيو هو ڪشمير جي مسئلي تي ڏهاڪن کان پوءِ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿي ته ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو نه آهي پر هي هڪ حل طلب مسئلو آهي جيڪو حل ڪرڻ لا3 عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *