سخت گرمي وگهي ٿيندڙ فوتگين جي ذميوار وفاقي صوبائي حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ آهي: خواجه اظهارالحسن

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خواجه اظهارالحسن ڪراچي ۾ سخت گرمي وگهي ٿيل فوتگين جي ذميوار وفاقي، صوبائي حڪومتن ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي ڪوٺيندي سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته فوتين لاءِ فوري معاوضي جو اعلان ڪيو وڃي اڱاري تي سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڪراچي ۾ وڏي انگ ۾ ٿيندڙ فوتگين کي قومي سانحو قرار ڏنو وڃي نيشنل ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي هن سموري صورتحال ۾ ڪوئي ڪردار ادا ناهي ڪيو هنچيو ته سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل 60 هيت اسٽروڪ سينٽر صرف ميڊيا تي ٻڌايا وڃن ٿا جن جو عملي طور وجود ئي نظر نه پيو اچي خواجه اظهارالحسن چيو ته سول ڊفينس ۽ رليف کاتي جو ڪردار به ڪٿي نظر نه پيو اچي تنهنڪري ٻنهي کاتن کي ختم ڪيو وڇي يا وري صوبائي ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي ۾ ضم ڪيو وڃي هن چيو ته وزيراعظم کي خود ڪراچي اچي معاملي جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ غريب متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه اظهارالهسن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ حقيقت آهي جيڪا لکين ماڻهن جي ترجماني ڪري ٿي ۽ ان جي ڪردار ڪشي افسوس جوڳي آهي بلوچستان جي گهرو وزير کي پنهنجي صوبي تي توجهه ڏيڻ گهرجي نڪي ڪنهن تي الزام مڙهڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *