پنهنجن مداحن کان ملندڙ محبت ۽ تعريف سان جيڪا خوشي ملندي آهي اها بيان نه ٿي ڪري سگھان: شرڌا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور چيو آهي ته کيس پنهنجن مداحن کان ملندڙ محبت ۽ تعريف سان کيس جيڪا خوشي ملندي آهي اها بيان نه ٿي ڪري سگھي. ڀارتي ميڊيا موجب نئين فلم ”اي بي سي ڊي-2“ ۾ شرڌا ڪپور جي اداڪاري ۽ نچڻ جي هر طرف کان تعريف ٿي رهي آهي، پنهنجي تعريفن ۽ فلم جي باڪس آفيس تي ڪاميابيءَ تي شرڌا ڪپور خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي. ان ڳالهه جو اظهار هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ تي ڪيو، پنهنجي پيغام ۾ شرڌا ڪپور جو چوڻ هو ته مداحن کان ملندڙ محبت ۽ سندن تعريف سان جيڪا خوشي ملندي آهي اها بيان نه ٿي ڪري سگھجي، ڇو ته جڏهن منهنجي ڪم جي تعريف ڪئي ويندي آهي ته وڌيڪ محنت ڪندي آهيان. واضح رهي ته شرڌا ڪپور بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار شڪتي ڪپور جي ڌيءُ آهي ۽ سندس 19 جون تي رليز ٿيندڙ فلم ”اي بي سي ڊي-2“ هيل تائين 100 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ناڻو ڪمائي نوان رڪارڊ جوڙيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *