جڊيشل ڪميشن ۾ ثبوت پيش ڪري نواز ليگ جو فراڊ پڪڙي ورتو آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيوآهي ته جـُڊيشل ڪميشن ۾ ثبوت پيش ڪري نواز ليگ جو فراڊ پڪڙي ورتو آهي، پنجاب ۾ آرز اوز جي راند کيڏي وئي، جلد خبر پئجي ويندي ته ريٽرننگ آفيسرز کي ڪير ڪنٽرول ڪري رهيو هو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نادرا وزيراعظم هائوس جي دٻاءَ تي بيان جاري ڪري رهيو آهي،نادرا چيئرمين ڇا ولي الله آهي جو کيس سڀ ڪجهه خبر پوي ٿي. هن چيو ته عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ٿي، پنجاب ۾ آر اوز جيڪاراند کيڏي اها هاڻ پڌري ٿي چڪي آهي، اڄ ثابت ٿي ويو ته آر اوز ڌانڌلي ۾ ملوث هئا. عمران خان چيو ته اين اي 122 تي تڪ ۾ 93 هزار ووٽن جي تصديق ناهي ٿي سگهي ۽ خواجه سعد رفيق جي تڪ ۾ هڪ لک 26 هزار واڌو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته عام چونڊن ۾ واڌو بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا، جن جو ڪو حساب ڪتاب ئي ناهي ٻڌايو ويو، جڏهن ته نواز ليگ جي رويي مان واضح ٿي چڪو ته ڌانڌلي ٿي آهي. هن چيو ته پنجاب جي اليڪشن ڪميشن آرو اوز کي کلي ڇوٽ ڏني هئي، ثابت ٿي ويو ته ڌانڌلين ۾ اليڪشن ڪميشن به ملوث هئي. عمران خان وڌيڪ چيو ته جلد خبر پئجي ويندي ته آر اوز ڪنهن جي ڪنٽرول هيٺ هئا، انڪوائري ڪميشن جو جيڪو به فيصلو آيو اهو قبول ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *