ستين آدمشماري ۾ سُڃاڻپ ڪارڊ جو شرط کي ختم ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي سنڌ خلاف سازش قرار

حيدرآباد(بيورو) سنڌي ادبي سنگت سنڌ نئين ٿيندڙ ستين آدمشماري ۾ سُڃاڻپ ڪارڊ جي شرط کي ختم ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي سنڌ جي سياسي سماجي ۽ ساڃاھ وند ڌرين کي اپيل ڪئي آھي ته سنڌ جي خلاف اڀرندڙ نئين سازش کي روڪڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچن ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پريل دايو، عورت جوائنٽ سيڪريٽري نذير ناز، جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني، خزانچي نعيم ملڪ، آڊيٽر قادر جاگيراڻي ۽ پريس ترجمان نجيب چانڊيو گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته وفاقي سرڪار ڊجيٽلائيز آدمشماري جي نالي ۾ سنڌ خلاف هڪ نئون منصوبو جوڙيو آھي جنهن جو هڪ مثال آدمشماريءَ جي فارم ۾ سُڃاڻپ ڪارڊ جي شرط کي ختم ڪرڻ آھي. هنن چيو ته اها آدمشماري ڊجيٽلائيز ڪيئن ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ئي ختم ڪيل هجي سنڌي ادبي سنگت سمجهي ٿي ته اهو سڄو منصوبو سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي سنڌ جو شھري بڻائڻ جو منصوبو آھي جنهن کي رد ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻھن جي ووٽن سان ايوانن ۾ ويٺل پيپلزپارٽي، جي ڊي اي کي آواز اٿارڻ گهرجي، گڏوگڏ سنڌ جي سياسي سماجي ڌرين سميت هر مڪتب فڪر جي ماڻھن کي پڻ جدوجهد جي ميدان تي نڪرڻ جي ضرورت آھي، ان ڏس ۾ سنڌي ادبي سنگت نه رڳو جدوجهد جو حصو هوندي پر جاڳرتا پڻ پيدا ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *