پاڪستاني ڏسندڙن لاءِ ڊرامن کانپوءِ ترڪ فلمن جو تحفو

ڪراچي (شوبز نيوز) ترڪ ڊرامن کانپوءِ ترڪ فلمون به هاڻي پاڪستاني سينمائن جي زينت بڻجڻ لاءِ تيار آهن.پهرين فلم آئيلا 11 فيبروري تي رليز ڪئي ويندي، ڊسٽري بيوشن ڪلب ترڪ ٻولي ۾ ٺهيل مشهور فلم آئيلا جي نمائش جو بندوبست ڪيو آهي، جيڪا پاڪستاني سينمائن جي زينت بڻجندڙ پهرين ترڪش فلم هوندي.فلم جي ڪهاڻي خوبصورت ٻارڙي آئيلا جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪا هڪ ترڪ فوجي کي جنگ جي ميدان ۾ ملي ٿي.فلم کي سينسر سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *