نئين ڪوٽ ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو، ٻن ڇوڪرين سان 20 جوابدارن جي اجتماعي لڄالٽ، پوليس تماشائي بڻيل

ميرپورخاص (م.،ڊ) نئين ڪوٽ ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي بااثرن ٻن ڇوڪرين کي اغوا ڪري کين سڄي رات اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جڏهن ته پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي. آچر ڏينهن نئين ڪوٽ ٿاڻي جي حدن ۾ هٿياربند جوابدارن هڪ گهر ۾ گهڙي 13 ورهين جي نينگري سميت ٻن ڇوڪرين کي اغوا ڪيو. وارثن ٿاڻي تي وڃي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو پي پوليس ڇوڪرين جي آزادي ۽ جوابدارن جي گرفتاري ۾ ناڪام رهي. جوابدارن سڄي رات ڇوڪرين کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ۽ مٿن وحشياڻو تشدد به ڪندا رهيا، ٻئي ڏينهن ڇوڪرين کي هڪ پوليس اهلڪار جي گهر ڇڏي هليا ويا. پوليس ڪارروائي ڪندي دلبر ٽنگڙي، عطا محمد ٽنگھري سميت 12 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته 8 ڄڻا فرار ٿي ويا. متاثر ڇوڪرين جو ميڊيڪل معائنو ڪرايو ويو ۽ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جيڪي گرفتارين لاءِ ڇاپا هڻي رهيون آهن. هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب نئين ڪورٽ ۾ ڇوڪرين سان پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. مرتضيٰ وهاب ايس ايس پي ميرپورخاص سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کانئس واقعي باب تفصيل ورتا. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث 20 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، 12 گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *