ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻ جي وهڪري ۾ لاڳيتو واڌ جي نتيجي ۾ 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. قدرتي آفت کي منهن ڏيندڙ وفاقي اداري نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ترجمان برگيڊيئر مختار احمد ٻڌايو آهي ته ستلج درياهه ۾ وهڪري ۾ گھڻي واڌ ٿي رهي آهي، رات 10 وڳي گنڊا سنگھه والا تي پاڻي جي سطح 18.70 فٽ ۽ وهڪرو 52000 ڪيوسڪ هو. مختار احمد چيو ته قصور ۾ درياهه جي ڀرپاسي وارا 18 ڳوٺ پاڻ هيٺ اچي ويا آهن ۽ بڪي ونڊ کي 90 سيڪڙو تائين خالي ڪرايو ويو آهي، راول ڊيم به پاڻي سان ڀرجي ويو آهي ۽ وڌيڪ گنجائش ختم ٿيڻ واري آهي، جلد راول ڊيم جا اسپل ويز کوليا ويندا. فلڊ ڪنٽرول روم موجب سنڌو درياهه ۾ به پاڻي جي سطح ۾ واڌ جاري آهي، گڊو واري هنڌ تي هن وقت وچولي ٻوڏ آهي، سنڌو درياهه پاڻي سبب ڪچي 15 کان وڌيڪ ننڍا ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ڪچي جي علائقي مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي متقل ڪيو پيو وڃي. اين ڊي ايم اي موجب قصور جي ضلعي انتظاميا متاثرن لاءِ 17 ڪيمپون قائم ڪيون آهن پر هن وقت تائين ڪنهن به رهائش اختيار ناهي ڪئي، هڪ لک کان ڏيڍ لک ڪيوسڪ جو ٻوڏ وهڪرو اڄ شام کان سڀاڻي منجهند تائين گنڊا سنگھه والا هيڊ ورڪس تان گذرندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *