ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان

اسلام آباد(م.ڊ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي، ٽوئيٽر پيغام ۾ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته برآمدات ۽ ترسيلات زر وڌائي ۽درآمدات گهٽ ڪري پرڏيهي ناهموارين ۾ لاٿ جون حڪومتي ڪاوشون ڪارآمد ثابت ٿي رهيون آهن، هن چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 6 ارب ڊالر گهٽ آهي، هلندڙ سال جولائي جو خسارو گذريل  سال جولائي 2018  جي مقابلي ۾ 73 سيڪڙو يا 1.5 ارب ڊالر گهٽ آهي جيڪو يقينن هڪ وڏي ڪاميابي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *