سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي. سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي اڳوڻي چيئرمين جاويد حنيف عباسي خلاف غير قانوني مقررين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. وڪيل صفائي چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي عارضي ملازمتن کي مستقل ڪيو، وزيراعظم جا حڪم پورٽ اينڊ شپنگ بابت وفاقي وزير بابر غوري ذريعي مليا. جسٽس عظمت سعيد کوسا چيو ته انيتا تراب ڪيس کان پوءِ سرڪاري ملازم غير قانون حڪم مڃڻ جو پابند نه آهي، عارضي ملازمتن کي سواءِ ڪنهن اشتهار جي مستقل ڪيو ويو، ڇا پاڪستان جو ٻيو عوام ٻئي درجي جو شهري آهي، ڇا باقي عوام ڪي پي ٽي ۾ نوڪري نٿو ڪري سگھي؟. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته چيئرمين طور وزيراعظم جي هدايتن کي ڏسڻ گھرجي ها. جنهن کان پوءِ عدالت ڪي پي ٽي ۾ مقررين بابت ڪابينا جو نوٽيفڪيشن طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏيئ

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *