سامونڊي فوج ملڪ جي سامونڊي حدن جي بچاءَ لاءِ هر وقت تيار آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سامونڊي سرحدن جي دفاع جي سلسلي ۾ سامونڊي فوج جي پيشور صلاحيتن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ان اعتماد جو اظهار هن 8 نومبر 2017 تي نيول هيڊڪوارٽر جي دوري دوران ڪيو، وزيراعظم چيو ته هو ميري ٽائيم سيڪٽر، ان سيڪٽر جي اقتصادي صلاحيت ۽ ان حقيقت کان مڪمل آگاهه آهي ته پاڪستان جي ترقي جي دارومدار ميري ٽائيم جي ڀرپور فعاليت تي آهي، هن وڌيڪ چيو ته اها تقويت جو سبب آهي جو اسان جي سامونڊي ملڪي اثاثن جي حفاظت، ملڪي سامونڊي سرحدن جو دفاع، گوادر بندرگاهه ۽ سي پيڪ کي سامونڊي سيڪيورٽي جي فراهمي لاءِ مڪمل تيار آهي، پاڪستان حڪومت، سامونڊي فوج کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته سامونڊي فوج هڪ متوازن ۽ موثر سامونڊي طاقت آهي جيڪا مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ان کان اڳ مهمانن کي پاڪستان کي لاحق ميري ٽائيم چيلينجز ۽ ميري ٽائيم سيڪٽر جي ترقي ۽ اضافي شپ يارڊ جي ضرروت تي بريفنگ ڏني وئي، لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ عهديدار بريفنگ ۾ شريڪ ٿيا، نيول هيڊڪوارٽر پهچڻ تي سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي وزيراعظم جي آجيان ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *