پ پ تڪبندين واري تڪرار کي حڪومت پاران بيوقوف بڻائڻ جي عادت جو نتيجو ڪوٺي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه تڪبنديون تڪرار کي حڪومت پاران بيوقوف بڻائڻ جي عادت ڪوٺيندي چيو آهي ته آدمشماري جي عبوري نتيجن کي آئين ڪور ڏيڻ کان اڳ سي سي آءِ جي منطوري لازمي آهي، حڪومت آئيني ترميم کان اڳو عمل مڪمل ڪرڻ ۾ وڌيڪ دير نه ڪري، اربع تي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس بنا نتيجي ختم ٿيڻ تي خورشيد شاهه رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي چوڻ مطابق نواز شريف پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر بيوقوف بڻائيندو رهيو، خورشيد شاهه چيو ته ن ليگ جي حڪومت هاڻ به عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آڙهي، هن چيو ته تڪبندين کي کڻي حڪومت پنهنجو بار ٻين تي وجهي رهي آهي، خورشيد شاهه چيو ته حڪومت الزام پ پ تي وجهي عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي، هن چيو ته پ پ پهرين ڏينهن کان ان ڳالهه تي بيٺي آهي ته چونڊون وقت اندر ٿين، هن چيو ته حڪومت سي سي آءِ کان منظوري جو لازمي عمل ڪرڻ بنا معاملو ڪميٽي ۾ کڻي آئي، هن چيو ته ڪميٽي ۾ ٻڌايو ويو ته آئيني ترميم کان اڳ جون سموريون گهرجون مڪمل آهن، هن چيو ته اسان کي ته چيف منسٽر سنڌ ٻڌايو ته سي سي آءِ جي منظوري ٿي نه آهي، هن چيو ته حڪومت آئيني ترميم کان اڳ جو عمل مڪمل ڪرڻ ۾ وڌيڪ دير نه ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *