اقامي  تي آيل فيصلو عوام قبول نه ڪيو، پاڪستان جي حق ۾ فيصلو عوام ڪندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مملڪتي وزير  مريم اورنگزيب چيو آهي ته اقامي تي آيل فيصلو اڄ تائين عوام قبول نه ڪيو آهي. پاڪستان جي حق ۾ فيصلو پاڪستان جو عوام ڪندو.احستاب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  نواز شريف پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو. هو ملڪ جو 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم آهي پر هو عدالتون ۾ پيش ٿي ڪري احتساب کي منهن ڏئي رهيو آهي.  پر اهي ماڻهو جنهن عدالتن تي حملا ڪيا پارليمنٽ کي گاريون ڏنيون  ملڪ جي آئين کي ٽوڙيو  اهي آزاد گهمي رهيا آهن. انهن پاناماڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي تي اظهار خيال ڪندي چيو ته اقامي تي آيل فيصلو اڄ عوام قبول نه ڪيو. پاڪستان جي حص ۾ فيصلو پاڪستان جو عوم ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *