سازشن کان نٿا ڊڄون. ڪراچي ۾ سيوريج لائين ۾ مخالف ٻوريون وجهي گندگي پکيڙڻ چاهين ٿا: وڏو وزير

ڪراچي/حيدرآباد /سکر (نمائندن وٽان/اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ اڄ سڄي صوبي ۾ عاشوري جي ڏھاڙي واري موقعي تي نڪرندڙ جلوسن جو دورو ڪيو. وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير سعيد غني بھ ھو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڪراچي ۾ عاشوري جي ڏھاڙي جي جلوسن جو اڳواڻي ڪئي ۽ ان موقعي تي ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ اڄ جي ڏينھن سڄي سنڌ ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آھن. مون ڪوشش ڪئي آھي تھ سڀئي سھولتون ڏنيون وڃن. ھن چيو تھ آئون منتظمين، انتظاميا جو ٿورائتو آھيان ھن گھڻي محنت ڪئي آھي. ھن چيو تھ ٻنھي سرحدن جي ڇڪتاڻ سبب خطرا آھن. ڪجھھ مخصوص خطرا بھ ھئا پر اسان فول پروف سيڪيورٽي جا بندوبست ڪيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سکر شھر، روھڙي، خيرپور، ڪوٽ ڏيجي، جيڪب آباد، شڪارپور، جيڪب آباد جي ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو. وڏي وزير مراد علي شاھھ سکر پھتو تھ ان سان گڏ صوبائي وزير سعيد غني ۽ اڪرام الله ڌاريجو به هو. وڏي وزير کي سکر ايئرپورٽ تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ڪمشنر سکر اويس حيدر شاهه، ڊي آئي جي ۽ ضلعي انتظاميا جي آفيسرن ڀليڪار ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه سکر ايئرپورٽ تان جلوس ڏانهن روانو ٿيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سٽي پوائنٽ، ملٽري روڊ ڪراس ڪندي شهر پهتو. وڏي وزير گهنٽا گهر ۾ جلوس جو معائنو ڪيو. هن گهنٽا گهر ۽ اي سيڪشن پوليس اسٽيشن جو به دورو ڪيو. وڏي وزير اي سيڪشن پوليس اسٽيشن تي بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير ٻڌايو ته سکر ۾ اٽڪل 44 ماتمي جلوس نڪتا جنهن مان 3 جلوس حساس قرار ڏنا ويا آهن. حساس جلوسن ۾ روهڙي، سکر سٽي ۽ پنوعاقل شامل آهن. ايوب گيٽ تي جڏهن جلوس پهتو ته 50 هزار کان وڌيڪ عزادار ٿي وڃن ٿا. اهو جلوس 10 وڳي تائين پنهنجي جاءِ تي پڄي ٿو وڃي. ان کانپوءِ شام غريبان جي مجلس ٿيندي آهي. روهڙي ۾ جلوس 8 تاريخ تي برآمد ٿئي ٿو. 10 محرم الحرام جي جلوس ۾ هڪ لک کان وڌيڪ عزادار هوندا آهن. خيرپور، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جا جلوس به حساس آهن. ڄاڻايل شهرن وچ ۾ هم آهنگي سٺي ٿي وئي آهي. وڏي وزير اي سيڪشن پوليس اسٽيشن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون اڄ هتي عاشوري جي ڏينهن ڪراچي جو دورو ڪري سکر پهتو آهيان. منهنجي دوري جو مقصد سيڪيورٽي جا انتظامن جو جائزو وٺڻ آهي. هن چيو ته آئون پوليس، رينجرز، آرمي، رضاڪارن جو ٿورائتو آهيان هن گڏجي بهترين سيڪيورٽي انتظام ڪيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن بلدياتي ادارن پاران ڪابه ڪوتاهي ٿي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ پوليس ۾ پبلڪ سيفٽي ڪميشن ايندڙ 2 ڏينهن  ۾ عوام جي شڪايتون ٻڌندو. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ متحد آهي. هن چيو ته ڏاهري صاحب پيپلز پارٽي جي خلاف ڪابه ڳالهه نه ڪئي آهي، مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان سازشن کان نٿا ڊڄون. هن چيو ته ڪراچي ۾ سيوريج لائين ۾ مخالفن ٻوريون وجهي گندگي پکيڙڻ چاهين ٿا. اسان ان کي جلد گرفتار ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي ۾ جيڪي علائقا اسان جي ڪنٽرول هيٺ نه آهن اتي به جيڪڏهن گندگي ٿئي ٿي ته ماڻهو سنڌ حڪومت کي الزام ڏين ٿا. هن چيو ته ميئر ڪراچي وٽ اختيار آهن. هن چيو ته سي سي ٽي وي جو مسئلو سيف سٽي پراجيڪٽ تحت حل ڪنداسين. وڏي وزير چيو ته اسان ڪشمير جي عوام سان گڏ آهيون ان خلاف هندوستاني ظلم جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر جو دورو ڪرڻ کانپوءِ سکر ايئرپورٽ پهتو. وڏي وزير مراد علي شاهه سکر کان نوابشاه ويو. نواب شاهه جي جلوسن جو فضائي جائزو ورتو ان کانپوءِ وڏو وزير حيدرآباد پهتو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عاشوري جي ڏينهن جو غير ۽ عافيت سان گذرڻ تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي جي بهترين انتظامن تي پوليس، رينجرز ، آرمي ۽ انيٽيلي جنس ادارن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته انتظام سٺا هجڻ تي ضلعي انتظاميا، بلديات کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جو به ٿورائتو آهيان. وڏي وزير سڄي صوبي ۾ جلوسن جي منتظمين جو به ٿورو مڃيو. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ صحت کاتي ۽ رضاڪارن جون خدمتون به سٺيون ۽ واکاڻ جوڳيون هيون. وڏي وزير ڪربلا ٿرٿلي سبب جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  چيو  آهي ته هو اڄ محرم الحرام  جي عاشوري  واري ڏهاڙي  تي سنڌ جي  مختلف شهرن ڪراچي ، سکر  مان انتظامن جو جائزو  وٺڻ کانپوءِ  حيدرآباد  ۾ عاشوري  جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران  جوڙيل سيڪيورٽي پلان  تي عملدرآمد، انتظامن جو جائزوٺڻ  ۽ عزادارن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن  جواحوال  وٺڻ  لاءِ  هتي آيو آهي.  اهڙو اظهار هن اڄ حيدرآباد  جي  دادن  شاهه محلي  مان   برآمد ٿيندڙ ماتمي جلوس  جو جائزور وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي  ڪيو  هن چيو ته  ملڪ جي  سرحدن  تي پيدا ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت پاران  ڪنهن قسم جي اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ سڄي صوبي  ۾  عاشوري جي ڏهاڙي جي حوالي سان  جٽادار سيڪيورٽي جو بندو بست ڪيو ويو آهي   سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه  صوبي  جي مذهبي  عالمن  پاران  محرم الحرام دوران مڪمل  سهڪار ڪرڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو  ۽ چيو ته  الله پاڪ جي ڪرم هن مهل تائين ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعو  پيش  نه آيو آهي جڏهن الله پاڪ کان  اميد آهي ته  سموري سنڌ ۾ عاشوري جو ڏهاڙو امن امان سان پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو  هن چيو  ته  هو هتان کانپوءِ واپس ڪراچي پهچي  اتي مرڪزي ماتمي جلوس جي اختتامي  انتظامن جو جائزو  وٺندو  هڪ سوال تي هن چيو ته  هن سال عاشوري  جي  حوالي سان ڪافي خدشا هئا انهي لاءِ سيڪيورٽي جا جٽادار انتظام  ڪيا ويا آهن  هن چيو ته اسان   شهيد ڪربلا  حضرت امام حسين  جي قربانين جي ياد ۾ نڪتل جلوس  جي  حفاظت  لاءِ هر ممڪن اپاءُ اختيار ڪيا آهن  هن  صوبي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  سميت پوليس ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو ته  اهي ادارا  صوبي ۾ امن امان جي استحڪام لاءِ  ڏينهن رات پاڻ پتوڙِي رهيا آهن  ماضي ۾  سنڌ پوليس ۽ رينجرز جي ڪيترن ئي جوانن  پنهنجي جانين جا نذرانه پيش ڪري صوبي  جي عوام کي تحفظ فراهم  ڪيو آهي  ۽ اسين ڪڏهن  به پوليس ۽ رينجرز جي جوانن جي  قربانين کي فراموش نٿا ڪري سگهون ان موقعي تي  وزير اطلاعات سعيد غني ، ايم پي ايز شرجيل ميمڻ ، ڄام خان شورو ، جبار خان ،اي آئي جي پوليس حيدر آباد ڊاڪٽر ولي الله دل،  ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ، ڊ ي  آئي جي  حيدرآباد نعيم احمد شيخ ،ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد عائشه ابڙو، ايس ايس پي  عديل چانڊيو  پڻ ساڻس گڏ هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *