ڪراچي ڪميٽي سنڌ ٽوڙڻ جي سازش قرار، پ پ جو فضل الرحمان جي ڌرڻي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان

ٿاڻو احمد خان (رپورٽر): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ٿاڻو احمد خان ۾ ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر سان کيس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ مرحومه جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر به ان سان گڏ هئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته اڄ اسان هتي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر سان کيس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ آيا آهيون. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان پيپلز پارٽي نه فقط هڪ سياسي جماعت آهي پر اها هڪ خاندان جيان آهي. اسان پارٽي جا سمورا ڪارڪن ۽ اميدوار سڀ هڪ خاندان جيان آهيون ۽ هڪ ٻئي جي خوشي ۽ ڏک ۾ شريڪ ٿيندا رهندا آهيون. پاڪستان پيپلز پارٽي هر دور ڏٺو آهي پهرين به اسان سڀني گڏجي آمريڪيت، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي. موجوده حڪومت ملڪ جي عوام تي جيڪو ظلم ڪري رهي آهي ۽ اسان جي صوبي جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن ۽ نوان نوان جمهوري طريقا اپنائي رهي آهي ۽ جمهوريت تي حملا ڪري رهي آهي جنهن جو اسان سڀ گڏجي مقابلو ڪنداسين. ڪشمير مان ڪرفيو جي خاتمي تي وفاقي حڪومت جي نااهلي بابت پڇيل سوال تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون وزيراعظم پاڪستان جي تقرير ٻڌي نه آهي، پر وزير خارجه شاهه محمود قريشي جي بيان تي نظر وڌي ته خبر پئي ته اسان جي ملڪ جو وزير خارجه چوي ٿو ته جمون ۽ ڪشمير انڊين صوبو يا رياست آهي. هن پنهنجي نانا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لفظن کي ورجائيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اوهان کي ياد هوندو ته هڪ ڀيرو اڳواڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي تقرير ڪندي چيو هو ته ”آئون ننڊ ۾ به ڪشمير بابت غلطي نه ٿو ڪري سگهان“ اوهان ڏسي رهيا هوندا ته جڏهن کان هي نالائق ۽ نااهل سليڪٽڊ نمائندا آيا آهن انهن کان غلطي تي غلطي ٿي رهي آهي، اسان سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهون ٿا جيڪو اسان جي ڪٺ پتلي سليڪٽڊ حڪومت اسان جي معيشت سان ڪيو آهي ۽ وڌيڪ ڪري رهي آهي شايد اهو اسان برداشت به ڪري وڃون پر ڪشمير ڪاز تي ڪوبه پاڪستاني اهڙي طرح جي ڪوتاهي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. نه اسان ڪنهن قسم جو ڪشمير ڪاز تي سوديبازي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پاڪستان پيپلز پارٽي جي پاليسي واضح رهي آهي. هي سليڪٽڊ حڪومتون اچي ويهاريون وڃن ٿيون جنهن ۾ نه اهليت آهي نه صلاحيت آهي اها ڇا معيشت کي سنڀالي سگهندي. ڪشمير ڪاز يا وري جيڪو به اسان جو نيشنلسٽ آهي اهي به سنڀالي نه ٿا سگهن. انهن ۾ قيادت جي جو معيار نه آهي ته اها ڪاميابي نه ملي سگهي اها هڪ مايوسي جهڙي ڳالهه آهي هڪ تاريخي حملو ٿيو آهي ۽ سڄو جو سڄو ڪشمير جيل ۾ تبديل ٿي ويو آهي. پر اڄ تائين اسان جي ملڪ جي وزيراعظم هڪ دورو به نه ڪيو آهي ڪشميرين جو آواز بڻجڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. ابتڙ هڪ فرائڊي تي اوهان پنهنجي ملڪ ۾ بيهي ڇا پيغام ڏئي رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اسان حڪومت ۾ هجون ها جيڪڏهن ڪابه چونڊيل حڪومت هجي ها ته ان جي ملڪ جو وزيراعظم نه فقط پنهنجو وزيراعظم هجي ها پر ڪشميرين جو وزيراعظم به هجي ها ۽ انهن جو سفير به بڻجي ها. اهو هر جاءِ وڃي ها ڪشميرين جو پيغام کڻي وڃي ها پر اسان جو وزيراعظم نااهل آهي ، بدقسمتي اها آهي ته عوام ان جي نااهلي جو بار کڻي رهي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم جي پروگرام بابت چاڻ نه آهي پر اهو جيڪو به اعلان ڪندو آهي ان تي يوٽرن وٺي ڇڏيندو آهي. اسان ڪجهه چئي نٿا سگهون ته ڪراچي ايندو يا نه ايندو. وزيراعظم سميت کيس سڄي ٽيم فقط فوٽو سيشن ۽ تماشي ڪرڻ ۾ رڌل آهي. گرين ڪراچي مهم برساتن کان اڳ شروع ٿي هئي ان ۾ انهن هڪ جاءِ کان اسان جو ڪچرو کڻي ٻي جاءِ تي رکي ڇڏيو، جنهن جو نقصان برساتن ۾ اسان جي شهرين کي ڀڳڻو پيو. چيئرمين صاحب وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت وٽ هڪ به صفائي وارو ملازم نه آهي. سنڌ حڪومت لوڪل باڊيز انفراسڪچر ادا ڪرڻا پوندا آهن ڀلي اهو هتي ٽنڊو محمد خان ۾ هجي يا ڪراچي ۾ هجي. پاڪستان پيپلز پارٽي پهرين کان چوندي آئي آهي ته اسان جي صوبي جو جيڪو حصو آهي جيڪو اين ايف سي اسان کي ارڙهين ترميم موجب ملڻو آهي اهو نه پيو ملي جنهن جو نقصان سڄي صوبي کي ٿي رهيو آهي جنهن جو نقصان هر سنڌ جي هر شهر کي ٿي رهيو آهي جنهن جو نقصان لاڙڪاڻي کان وٺي ڪراچي تائين ٿي رهيو آهي. اسان وٽ ريسورسز نه آهن. وسائل نه هجڻ ڪارڻ اسان جي سنڌ حڪومت زوري ڏئي رهي آهي ۽ محنت ڪري رهي آهي ۽ مختلف طريقا اپنائي رهي آهي ته جيئن عوام جا مسئلا حل ڪري سگهجن ۽ انشاء الله پاڪستان پيپلز پارٽي ئي عوام جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي ۽ ڪندي رهندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو صاحب چيو ته حڪومت جو سڄو دٻاءُ آهي اپوزيشن جماعتن تي . اهي سمجهن ٿا ته اسان جي قيادت کي جيل ۾ وجهي اسان جي ميمبرن  مٿان  مقدما بڻائي بليڪ ميل ڪري سگهجي ٿو پر مون پهرين ڏينهن ڳڙهي خدا بخش ۾ بيهي چيو هو ته ”جيڪو ڪرڻو آهي اوهان ڪريو جنهن کي به جيل ۾ وجهڻو آهي وجهو، پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ نظرياتي ااصولن تي هلندڙ پارٽي آهي. اسان پنهنجو موقف ڀلي اهو 18هين ترميم هجي يا اهو رولز اينڊ لاءَ تي هجي اهو اسان نه بدلينداسين ۽ ظلم برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“  هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جو اسلام آباد ۾ احتجاج  آهي، اسان سمجهون ٿا ته مولانا صاحب اهو فيصلو پاڻ ورتو آهي پهرين اعلان پاڻ ڪيو هئانين. جيتري قدر پيپلز پارٽي جو سوال آهي ته اسان جو واضح پاليسي رهي آهي. ان بابت اسلام آباد ۾ ڌرڻو هجي اهو طاهر القادري جو هجي يا وري عمران خان جو هجي يا وري تحريل لبيڪ جو ڌرڻو هجي اسان اپوزيشن ۾ رهياسين انهن ۾ اسان پاڻ شريڪ نه ٿياسين. هن چيو ته مولانا فضل ارلحمان جي سياست ۽ کيس جيڪي مسئلا آهن انهن جو اسان مورال ۽ سياسي سپورٽ ڪنداسين. هن چيو ته مولانا صاحب اسلام آباد وڃي رهيو آهي ته اسان به ان جي مورال سپورٽ ڪنداسين ۽ جيڪو منهنجو عوامي رابطو جيڪو سڄي ملڪ ۾ هوندو اسان ٻنهي جو هڪ ئي بيانيو هوندو ۽ هڪ ئي موقف هوندو ته ڪٺ پتلي يا نااهل وزيراعظم جيڪو ڌاندلي ذريعي هن ملڪ تي مڙهيو ويو آهي جنهن اسان جي ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو آهي ان اسان جي ڪشمير کان وٺي سيڪيورٽي صورتحال کي ڏٻرو ڪيو. هي ملڪ جو عوام اهڙي وزيراعظم ۽ ڪٺ پتلي حڪومت کي برداشت نه ڪندي انهن کي گهر وڃڻو پوندو. ڪراچي جي مسئلي تي وفاق پاران هڪ ڪميٽي جوڙڻ واري سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي هڪ سلسلو هلندو اچي پيو ته وفاق اسان کي صوبي جي وسيلن کان محدود رکجي ٿو. اسان کي پورو حصو نه پيو ملي ۽ وري اسان جي غربت تي مذاق ڪيو پيو وڇي ۽ چون ٿا ته اوهين ايترا غريب ڇو آهيو؟ صوبي ۾ صحت، تعليم ۽ اسپتالن جي حالت خراب ڇو آهي؟ اسان کي پنهنجو حصو نه پيو ملي، سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن تي هر ڪوشش ڪندي رهندي چاهي اها پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي صورت ۾ هجي يا ٻيو طريقيڪار اپنايو وڃي اسان جو پنهنجو صوبو آهي جتي دل جي مريضن جو مفت ۾ علاج ٿئي ٿو اسان جي ڪوشش هلندڙ آهي اسان محدود وسيلن سان عوام جي خدمت ۽ مسئلا حل ڪنداسين. هن چيو ته حڪومت ڊراميبازي ڪري رهي آهي. ڪميٽي تي ڪميٽي ٺاهيندي پئي وڃي ۽ هي ڪميٽي ته غيرآئيني آهي . جي ڊي اي ۽ حڪومت جو ڪٺ پتلي اتحاد آهي جيڪو هميشه سنڌ کي ٽوڙڻ جي سوچ رکي ٿو جيڪو الائنس ٿيو آهي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي وچ ۾ جنهن جو هن اليڪشن تي جوائنٽ مينوفيسٽو هو ته اسان ڪراچي کي الڳ ڪنداسين . هي جيڪو انهن جو سلسلو هو اهو هڪ الڳ پهلو آهي ، اسان پهرين به انهن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ هينئر به ڪنداسين ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان کي پنهنجا آئيني حق ۽ وسيلا ڏجن ته جيئن اسان پنهنجي عوام جا مسئلا حل ڪري سگهون.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *