پوليس کي عام طور خبر هوندي آهي ته علائقي ۾ ڦُر ڪير ڪندو آهيۡ: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته پوليس کي عام طور تي خبر هوندي آهي ته علائقي ۾ ڦُر ڪير ڪندو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ قتل ۽ ڦُر جي 7 جوابدارن جي موت جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي. عدالت شاهد نه هجن ڪري ستن جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ڏنا ته عام طور تي پوليس کي خبر هوندي آهي ته علائقي ۾ ڦُر ڪير ڪندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن پوليس جي چوڻ تي به ڪيسن ۾ جوابدارن جا نالا شامل ڪيا ويندا آهن، شايد هن ڪيس ۾ به جوابدارن جي نالي ائين ئي شامل ڪيا ويا. عدالت فيصلي ۾ چيو ته پوسٽ مارٽم 14 ڪلاڪ دير سان ڪيو ويو ۽ ڪيس کي ثابت ڪرڻ لاءِ فريادي ٺوس شاهد پيش نه ڪيا. جوابدارن  ۾ امجد علي، محمد خالد، ظفر اقبال، عبدالقيوم، منظور عرف جوري، محمد طارق ۽ اڪرم عرف ڊاڪو شامل هئا. انهن تي قصور جي علائقي پڪا روڊ تي ڦُر ۽ قتل جو الزام هو. ان ڦُر دوران محمد شريف نالي شخص به قتل ٿيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *