مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل قاري اسحاق جي وارثن طرفان به رائو انوار تي ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) شاهه لطيف ٽائون ۾ جعلي پوليس مقابلي ۾ نقيب الله محسود سان گڏ مارجي ويل قاري اسحاق جي وارثن به اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. قاري اسحاق جي ڀاءُ محمد يوسف جو چوڻ آهي ته محمد اسحاق احمد پور شرقيه جي ڳوٺ حيدر پور لنگ گراوان جو رهائشي هو، ڳوٺ جي مدرسي ۾ تعليم ڏيندو هو. هن چيو ته اسحاق ميٽرڪ کانپوءِ مدنيا مدرسي بهاولپور مان حديث جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ 1997ع کان 2000 تائين مدرسي نظاميه ۾ 10 نظامي درس پڙهايو. سندس چوڻ هو ته 11 نومبر 2016ع تي پوليس موبائيل ۽ڪارن ۾ سوار سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن محمد اسحاق کي مدرسي مان کڻي ويا هئا، جڏهن ته ڪجهه عرصي بعد ٻي ڀاءُ زڪريا کي به کنڀي 8 مهينن تائين قيد ڪيو ويو. ڀاءُ جو چوڻ هو ته محمد اسحاق جي گم ٿيڻ بعد امڙ به صدمي ۾ فوت ٿي چڪي آهي. هن چيو ته شاهه لطيف ٽائون پوليس جي مقابلي جي  خبر پڙهي محمد اسحاق جي سڃاڻپ ڪئي ۽ لاش وصول ڪري اباڻي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو. اسحاق جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته هو بيگناهه هو، رائو انوار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، جلد ڪراچي پهچي مقابلي جي انڪوائري ڪندڙ ڪميٽي ۾ بيان قلمبند ڪيو ويندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *