زرداري ۽ نواز شريف سان ذاتي جهيڙو ناهي، ويڙهه ڪرپٽ ٽولي خلاف آهي: عمران خان

جهلم(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته منهنجي آصف زرداري ۽ نواز شريف سان ڪا به ذاتي ويڙهه ناهي پر اسان جي ويڙهه رڳو ڪرپٽ ٽولي جي خلاف آهي. جهلم ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 9 سال پهرين هر پاڪستاني تي 35 هزار رپيا قرض هو، پوءِ انهن 9 سالن ۾ آصف زرداري ۽ نواز شريف جو دور آيو جنهن بعد هر پاڪستاني هڪ لک 30 هزار رپين جو قرضي آهي. هن چيو ته ملڪ کي قرضن جي دلدل ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، ننڍو طبقو امير ۽ عوام قرضي ٿي رهيو آهي، مٿان ويٺل شخص ملڪ جو پيسو چوري ڪري ٻاهر موڪليندا آهن، دنيا ۾ پيٽرول جا اگهه گهٽ آهن پر اسان وٽ اڃان مٿي چڙهي رهيا آهن، چوري ٻيو ڪير پيو ڪري ۽ قيمت عوام پيو ادا ڪري. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته زرداري ۽ نواز شريف پيسا چوري ڪري ٻاهر موڪليندا آهن، اسان جي جنگ ڌاڙيلن ۽ ننڍڙي ڪرپٽ ٽولي جي خلاف آهي، آصف زرداري ۽ نواز شريف سان ذاتي ويڙهه ناهي، جيسين جيئرو آهيان جنگ وڙهندو رهندس، 2018ع ۾ کٽي به ڏيکاريندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *