ملڪ ۾ تازن ڄاول ٻارن جي موت جي شرح ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ تازن ڄاول ٻارن جي موت واري شرح ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي. صحت واري وزارت طرفان تازل ڄاول ٻارن جي پيدائش ۽ موت جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا، جن ۾ انهن جي موت جي شرح 60 سيڪڙو تائين پهچڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. صحت واري وزارت جي تحريري جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2016ع ۾ 63 لک ٻار ڄاوا، 4 لک 41 هزار ٻار هڪ سال ٿيڻ کان اڳ ئي مري ويا، جن مان 2 لک 90 هزار ٻارن جو موت رڳو هڪ مهيني جي عمر ۾ ٿيو. صحت واري وزارت موجب ٻارن جي وقت کان اڳ پيدا ٿيڻ سبب فوت جي شرح 40 سيڪڙو آهي، ڄمڻ کانپوءِ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 21 سيڪڙو، جڏهن ته انفيڪشن سبب تازن ڄاول ٻارن جي موت جي شرح 18 سيڪڙو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *