حڪومت ستي پئي آهي، پيسا سمنڊ پار موڪلڻ کان روڪڻ لاءِ ڪجهه ته ڪري ها: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته حڪومت ننڊ پيل آهي، پيسا ٻاهر موڪلڻ کان روڪڻ لاءِ ڪجهه ته ڪري ها هڪڙو آرڊيننس کي کڻي اچي ها. سپريم ڪورٽ سمنڊ پار پاڪستانين جي بينڪ اڪائونٽن بابت پاڻمرادي  نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته پاناما ۽ پيراڊائز ليڪس ۾ شامل پاڪستانين جي هن وقت تائين ڪا به خبر ناهي، حڪومت پيسا ٻاهر کڻي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ڪجهه ته ڪري ها رڳو هڪ آرڊيننس ئي کڻي اچي ها. ميمبر ريونيو ايف بي آر عدالت کي ٻڌايو ته سمنڊر پار پاڪستانين کي اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ ايمنسٽي اسڪيم مارچ جي پڄاڻي تائين متعارف ڪرائي ويندي جنهن جو فارميٽ تيار آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته قانون ۾ خامين جي ڪري ڪنهن به اثاثا ظاهر ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي، اسان کي ليڪس مان خبر پئي ته ماڻهن جون ڪيتريون ملڪيتون سمنڊ پار آهن، جيڪڏهن ان ۾ قانوني بندوبست ڪيا ويا آهن ته ڪم شروع ٿيڻ گهرجي. فنانس واري سيڪريٽري عدالت ۾ چيو ته ڪيس جا ٻه حصا آهن، هڪ ٻاهر کان پيسا آڻڻ جو، هڪ ٻاهر موڪلڻ کان روڪڻ جو. ان تي چيف جسٽس پاڪستان چيو ته توهان کي ڪو نه ڪو قدم کڻڻ گهرجي ها جيئن پيسا ٻاهر وڃڻ وارو سلسلو بند ٿئي، پاڪستان جي تباهي ائين ٿيندي آهي ڇو ته ماڻهو پيسا ٻاهر کڻي ويندا آهن. جسٽس ثاقب نثار چيئرمين ايف بي آر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان انهن ماڻهن کي نٿا پڪڙي سگهو جن جا نالا پاناما ۽ ٻين ليڪس ۾ آيا. ايف بي آر جي چيئرمين جواب ڏنو ته اسان اشتهار ڏنا پر ڪا به انفارميشن ناهي آئي. معزز چيف جسٽس چيو ته ڏسڻو آهي ته اسان پاڪستان کان ٻاهر پيسا کڻي وڃڻ وارو عمل بند ڪري سگهون ٿا يا نه،  اسان جو ڌيان ٻن ڳالهين تي آهي، ڪيمٽي کي ڪجهه به ناهي ڪرڻو، ڪميٽي کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڪجهه خاص ناهي، اسان ان معاملي کي روزاني جي بنياد تي ٻڌنداسين.  جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته ڇا پاڪستاني شهرين کي  سمنڊ پار پراپرٽي آهن ۽ سندن اڪائونٽن ۾ ڇا رکيل آهي؟ فنانس جي چيف سيڪريٽري چيو ته ٽن مهينن کان حڪومت جي سامهون شيون آنديون آهن. چيف جسٽس پاڪستان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟ اها ستي پئي آهي، اها خبر هئڻ گهرجي ته ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جا ملڪ کان ٻاهر ڪرنسي اڪائونٽ آهن، ٻارن جي پڙهائي لاءِ پيسا موڪلڻ الڳ شئي آهي. عدالت معاشي ايڪسپرٽ محمود مانڊوي والا ۽ شبرزيدي کي مددگار مقرر ڪندي ٻڌڻي 20 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *