پريانڪا چوپڙا ۽ دپيڪا پڊڪون کان پوءِ ڪترينا ڪيف هاڻي هالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار

 

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف هاڻي هالي ووڊ ۾ به جلوا ڏيکارڻ جي خواهشمند نظر اچي رهي آهي.رپورٽن موجب بالي ووڊ ۾ پنهنجو نالو ڪمائيندڙ باربي ڊول جي نالي سان مشهور ڪترينا ڪيف هاڻي هالي ووڊ ۾ انٽري لاءِ تيار آهي، پريانڪا چوپڙا ۽ دپيڪا پڊڪون کان پوءِ ڪترينا ڪيف به هالي ووڊ جي پراجيڪٽ ۾ ڪم جي حوالي سان دلچسپي رکي ٿي، اداڪارا اسڪرپٽ پڙهڻ کان پوءِ فيصلو ڪندي ته کيس ڪنهن هالي ووڊ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻو آهي يا نه.ڪترينا ڪيف گذريل ڪجهه ڏينهن کان (فاڪس اسٽوڊيوز) جي مالڪن سان رابطي ۾ هئي، جڏهن ته اهي افواهه پڻ آهن ته هوءَ هالي ووڊ فلم ”ايونجرز“ جي اسٽار ”جيريمي رينز“ سان ڪو پراجيڪٽ سائن ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *