رڳو سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ وارو تاثر غلط آهي:نيب چيئرمين

اسلام آباد (بيورو) قومي احتساب بيورو ( نيب) جي چيئرمين قمر الزمان چوڌري چيو آهي ته رڳو سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ وارو تاثر غلط آهي، نيب چئني صوبن ۾ بنا ڪنهن خوف جي ڪرپشن خلاف ڪارروايون ڪري رهيو آهي، نندي پور پاور پراجيڪٽ ۾ ڪرپشن جِي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن جو نالو کڻڻ درست ناهي. اسلام آباد ۾ نيب جي فرانزڪ ليب جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نيب چيئرمين قمرالزمان چوڌري چيو ته احتساب بيورو پاران فرانزڪ ليب ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو سٺو عمل آهي. هن چيو ته ڪرپشن رڳو پاڪستان نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي، ڪرپشن ڪيسز جي جاچ لاءِ آفيسرز تي ٻڌل 3 ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جيڪي جاچ ڪري رهيون آهن. نيب چيئرمين چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جو عزم ورجايو آهي ۽ التوا هيٺ 11سئو 30 ڪيس اڪلايا ويا آهن. نندي پور پاور پراجيڪٽ ۾ ڪرپشن بابت سوال جي جواب ۾ نيب چيئرمين چيو ته  ان معاملي جي گهڻي حد تائين جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، نندي پور منصوبي جي ٻن مرحلن ۾ جاچ ٿي رهي آهي. نيب چيئرمين چيو ته نندي پور ۾ پهرين مرحلي جي جاچ پراجيڪٽ جي منظوري ۽ شروعات تائين آهي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ تعمير ۽ لاڳت ۽ واڌ جي جاچ ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ نيب جون ڪاررووايون تيز ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ نيب چيئرمين چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته نيب رڳو سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون آهن، چئني صوبن ۾ بنا ڪنهن خوف جي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. قمر الزمان چوڌري چيو ته سنڌ جي ڀيٽ ۾ خيبرپختونخواهه ۾ وڌيڪ ڪارروايون ڪيون ويون آهن، نيب آگسٽ 2014 ۾ سنڌ اندر فعال ٿي، مارچ ۽ اپريل 2015 کان سنڌ ۾ ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *