ڀارت ۾ مهان ذات جي هندن دلت ڪٽنب جي 2 معصوم ٻارڙن کي جئيري ساڙي ڇڏيو

نئين دهلي: ڀارت ۾ هندو انتها پسندن نه رڳو مسلمانن جو ڌرتي تي جيئڻ جنجال ڪيو آهي پر ننڍي ذات جي ساڳئي مذهب وارن ماڻهن جو جيئڻ به عذاب بڻائي ڇڏيو آهي، اهڙو ئي هڪ واقعو هريانا ۾ پيش آيو ،جتي مهان ذات جي هندن دلت ڪٽنب جي گهر ۾ گهڙِي انهن جا ٻه معصوم ٻارڙا ساڙي ڇڏيا. ڀارتي ميڊيا رپورٽن  مطابق ڀارتي رياست هريانا جي ڳوٺ فريد آباد ۾ راجپوت هندن ننڍي ذات جي دلت ڪٽنب جي گهر ۾ گهڙي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ اڍائي سالن ۽ 9 مهينن جا ٻارڙا سڙي خاڪ ٿي ويا، جڏهن ته انهن ٻارڙن جا ماءُ پيءُ جيتيندر ۽ ريکا به زخمي ٿيا، جن کي صفدر جنگ اسپتال ۾ موڪليو ويو، جتي کين طبعي مدد ڏني پئي وڃي.پوليس جو چوڻ آهي ته دلت ڪٽنب جي گهر ۾ باهه ڏيڻ جو ڪارڻ مليت تي تڪرار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *