سنڌ ۾ مڪاني چونڊون: اميدوارن جي قطعي لسٽ جاري، 707 بنا مقابلي ڪامياب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جي اميدوارن جي قطعي لسٽ جاري ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 8 ضلعن ۾ 10 هزار 87 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته هن وقت تائين 707 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چـُڪا آهن. اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جي اميدوارن جي قطعي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب پهرين مرحلي جي 8 ضلعن ۾ 10 هزار 87 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سکر ضلعي ۾ 15 سئو 58 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. لسٽ موجب خيرپور مان 2 هزار 664، گهوٽڪي مان 971، جيڪب آباد مان 625،ڪشمور مان 609 ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي مان 13 سئو 57 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. لاڙڪاڻي مان 1363 ۽ شڪارپور مان 940 اميدوار مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ هن وقت تائين 707 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. سکر مان 39، خيرپور مان 53، گهوٽڪي مان 189 ۽ جيڪب آباد ضلعي مان 128 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب ڪشمور – ڪنڌڪوٽ مان 118، قمبر-شهدادڪوٽ مان 50، لاڙڪاڻي مان 38 ۽ شڪارپور مان 92 اميدوار بنا مقابلي سوڀ ماڻي چڪا آهن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *