رينجرز پاران ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرس سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر جي صدارت هيٺ سيڪورٽي بابت اجلاس ۾ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، چوري ٿيل سامان جي خريداري ۽ وڪرو ۾ ملوث ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويندو… ڪراچي ۾ ڊي جي رينجرس سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر جي صدارت هيٺ سيڪورٽي بابت اعليٰ سطحي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر، ڊي ڊي جي، سيڪٽر ڪمانڊرز ۽ ڊي آءِ جيز شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڀتاخوري ۽ ڀنگ عيوض اغوا، اسٽريٽ ڪرائيمز ۽ بئنڪن مان ڦر جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۾ ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چوري ٿيل سامان جي خريداري ۽ وڪرو ۾ ملوث ماڻهن تي ڪڙي نظر رکي ويندي، چوري ٿيل سامان جي خريداري ۽ وڪرو ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو. اجلاس دوران ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *