وفاقي سرڪار پاران شڪي دهشتگردن جون رياستي سهولتون ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي سرڪار، شڪي دهشتگردن جون رياستي سهولتون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان حڪومتن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب، حڪومت 8 هزار 300 شڪي ماڻهن خلاف ڪاررواين جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ نيڪٽا پاران هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب، نيڪٽا جي هدايتن کانپوءِ صوبن پاران ڊسٽرڪٽ انٽيلجنس ڪميٽيز کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن، جيڪي ضلعي سطحي تي فورٿ شيڊول ۾ شامل شڪي دهشتگردن جو جائز وٺنديون. ذريعن جو وڌيڪ چيو آهي ته شڪي دهشتگردن جون رياستي سهولتون ختم ڪرڻ سان گڏ انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ، هٿيارن ۽ ڊرائيونگ لائسنس رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڪائونٽس پڻ منجمند ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *