پ پ وفد آدمشماريءَ بابت اي پي سي لاءِ رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي، نائين زيرو جو دورو، متحده کي شرڪت جي دعوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽيءَ جي وفد آدمشماريءَ بابت اي پي سي لاءِ رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي. سندن وفد نائن زيرو جو دورو ڪري ايم ڪيو ايم کي اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي.صوبائي وزير ناصر شاهه، وقار مهدي ۽ نجمي عالم ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو جو دورو ڪري کين آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن ۾ ملاقات دوران سنڌ ۾ امن امان ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وقار مهدي چيو ته هو ايم ڪيو ايم کي آدمشماريءَ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ آيا آهن.نجمي عالم چيو ته هو آل پارٽيز ڪانفرنس لاءِ سڀني سياسي پارٽين کي دعوت ڏيندا.صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته پ پ سميت ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان زيادتي نه ٿيڻ گهرجي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ عبدالقادر خانزادي چيو ته پ پ جي دعوت قبولي آهي، اي پي سي ۾ شرڪت جو فيصلو صلاح مشوري سان ڪيو ويندو.هن چيو ته آدمشماري حقيقي آبادي جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي.عبدالقادر خانزادي جو چوڻ هو ته پ پ جي خواهش آهي ته آدمشماري ايمانداري سان ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *