رينجرز سنڌ پوليس ۾ مقررين ۽ بدلين کي ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ رينجرز جي ترجمان سنڌ پوليس ۾ مقررين ۽ بدلين کي ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. ترجمان ڄاڻايو ته ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلي ابتڙ پوليس عملدارن جي مقررين ۽ بدلين سان سندن ڪوبه واسطو ناهي. ترجمان واضح ڪيو ته پوليس ۾ ڀرتيون رائج سسٽم جي تحت ڪرڻ سنڌ پوليس جو پنهنجو فيصلو آهي. ان کان اڳ سنڌ جي نئين گهرو وزير سهيلانور سيال به اعتراض واريو هو. ان جي باوجود هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. سنڌ جي آئي جي ڪجهه عرصو اڳ بدلين جا اختيار ڪراچي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻي کي ڏنا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *