دهشتگردي کي مات ڏينداسين ۽ امن کانسواءِ ملڪ ترقي ڪري نٿو سگهي: شهباز شريف

‏ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي کي مات ڏينداسين ۽ امن کانسواءِ ملڪ ترقي ڪري نٿو سگهي. ڪراچي ۾ سي ايم هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ڪافي عرصي کانپوءِ ڪراچي آيو آهي ، هو صفوران چورنگي سانحي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير کي مبارڪون ڏيڻ آيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته دهشتگردي صرف بندوق سان ختم نه ٿيندي. هن چيو ته چين جي قيادت وزير اعظم نواز شريف تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ چين پنجاب ۾ ڏهه ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪندو. هن چيو ته وزير اعظم ملڪ ۾ بجلي جي پئدوار ۾ واڌ ڪرڻ گهري ٿو. شهباز شريف چيو ته وزير اعظم نوازشريف ۽ گهرو وزير چوڌري نثار علي ڪراچي ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سنڌ جي وڏي وزير ۽ گورنر سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ ميٽرو بس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي وڏي وزير ۽ گورنر کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيڻ آيو آهي. هن چيو ته ميٽرو بس مان سموري ملڪ کي فائدو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *