عمران خان جو بانڪي مون کي خط، برما ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلمن تي گڏيل قومن جي خاموشي تي ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان بانڪي مون کي خط لکي برما ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلمن تي گڏيل قومن جي خاموشي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پي ٽي آءِ سربراهه بانڪي مون کي لکيل خط ۾ چيو ته برما ۾ مسلمانن تي وڏو ظلم ٿي رهيو آهي جنهن تي کين ڳڻتي آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته گڏيل قومون برما ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺن. عمران خان جو چوڻ هو ته برما ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم فوري طور بند ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *