رينجرز جو هڪ ڀيرو ٻيهر نائين زيرو تي ڇاپو، ڪيف الوريٰ ۽ قمر منصور گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رينجرس ڇاپو هڻي رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪيف الوريٰ ۽ قمر منصور کي گرفتار ڪري ورتو، فاروق ستار ۽ حيدر عباس رضوي جي گهر تي به رينجرس چڙهائي ڪئي پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي، شهر جي مختلف علائقي مان ايم ڪيو ايم عهديدارن سميت 7 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪراچي جي عزيز آباد واري علائقي ۾ گذريل رات دير سان رينجرس جي وڏي نفري ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو کي گهيري هيٺ آڻي ايندڙ ويندڙ رستن کي سيل ڪيو. رينجرس اهلڪارن بيگم خورشيد سيڪريٽريٽ ۾ داخل ٿي تلاشي ورتي، جنهن دوران رينجرس ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪيف الوريٰ، رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور، عظيم فاروقي ۽ صفيان يوسف کي حراست ۾ ورتو. رينجرس عظيم فاروقي ۽ صفيان يوسف کي بيگم خورشيد ميموريل هال ۾ پڇا ڳاڇا بعد ڇڏي ڏنو، جڏهن ته ڪيف الوريٰ ۽ قمر منصور کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو. نائن زيرو جي ڇاپي کانپوءِ رينجرس اهلڪارن گلشن اقبال جي بلاڪ چار ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ حيدر عباس رضوي ۽ پي آءِ بي ڪالوني ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار جي گهر تي به چڙهائي ڪئي، پر ٻئي اڳواڻ رينجرس جي ڇاپي وقت گهر ۾ موجود نه هئا، جنهن کان پوءِ رينجرس بنا ڪنهن گرفتاري جي واپس هلي وئي. هوڏانهن ملير جي ماڊل ڪالوني، باغ ڪورنگي ۽ اورنگي ٽائون ۾ رينجرس ڪارورائي ڪري ايم ڪيو ايم جي ٽن عهديدارن سميت 7 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *