شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيد الفطر اڄ ٿيندي: مفتي منيب الرحمان

اسلام آباد(بيورو) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، سڄي ملڪ ۾ اڄ عيد الفطر هوندي، مرڪزي رويت هلال ڪميٽِي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان اسلام آباد ۾ اعلان ڪيو اهي ته عيد الفطر جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، لحٰذا اڄ بروز ڇنڇر 17 جولاءِ تي پهرين شوال 1436هه هوندي، ان کان اڳ شوال جي چنڊ جي حوالي سان ملڪ جي 12 هنڌن تان زونل رويت هلال ڪميٽين مان چنڊ نظر اچڻ جون شهادتون مليون، جنهن بعد مرڪزي رويت هلال ڪميٽِي انهن شهادتن جو جائزو ورتو ۽ عيد الفطر جي چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *