اڄ اسان جون دليون آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن شهيدن کي ياد ڪري رهيون آهن: بلاول ڀٽو جو پيغام

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، عيد جي موقعي تي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول حملي جي متاثرن جي نالي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ اسان جون دليون آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن شهيدن کي ياد ڪري رهيون آهن، جن کي گذريل سال 16 ڊسمبر تي دهشتگردن گوليون هڻي شهيد ڪيو هو، گڏوگڏ انهن شهيدن جي وارث خاندانن ۽ حملي ۾ بچي ويل ٻارڙن سان به گڏ آهيون. پنهنجي خصوصي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهي 140 کان وڌيڪ ٻار، ٽيچرس ۽ اسٽاف ميمبربي رحم دشمن هٿان شهيد نه ٿين ها ته اهي اڄ سڄي قوم وانگر عيد ملهائي رهيا هجن ها. اسان انهن معصوم ۽ ننڍڙن شهيدن کي سلام ٿا پيش ڪريون ۽ اهي اسان جا قومي هيروز ۽ هيروئن آهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انهن جي همت ۽ عظيم قرباني پهريون ڀيرو دهشگردي خلاف ويڙه ۾ قوم کي يڪجا ڪري ڇڏيو. انهن شهيدن جو اسان تي قرض آهي ته اسان دشمن خلاف سندس در تي وڃي ويڙهه ڪريون ۽ کين پنهنجي وچ مان ڪڍي ختم ڪريون۽ اسان انهن شهيدن جو اهو قرض لاهينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪي اهڙا لفظ ئي ناهن جيڪي شهيد ٿيل ٻارڙن جي والدين ۽ خاندان جي ڏکن کي گھٽائي سگھن،بلاول ڀٽو زرداري پشاور آرمي پبلڪ اسڪول حملي جي شهيدن جي وارثن جي نالي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته توهان جي پٽن ۽ ڌيئرن جي قرباني هن قوم جي شعور جي اجتماعي يادن ۾ سمائجي چڪي آهي جيڪا ڪڏهن به ختم نه ٿيندي.پوري قوم جو دعائون ۽ نيڪ تمنائون توهان سان گڏ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *